سچل سرمست تاريخ تصوف اور شاعري

سچل سرمست تاريخ تصوف اور شاعري

سچل سرمست تاريخ تصوف اور شاعري

سچل سرمست: تاريخ، تصوف اور شاعري (ڪتاب): حضرت سچل سرمست جي شاعريءَ جي فڪري پهلوءَ تي مبني هن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق آهي. ڪتاب ۾ پبلشر نوٽ شمس جعفراڻي، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ جو لکيل آهي ۽ پيش لفظ ڊاڪٽر نواز علي شوق خود لکيو آهي. سچل شناسيءَ جي موضوع تي اردو زبان ۾ لکيل هن ڪتاب جو انتساب مرتب پنهنجي استادن پروفيسر ڪرار حسين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب ۾ حضرت سچل سرمست جي سوانح عمريءَ سميت درازا مڪتب فڪر جي درويشن جو احوال ۽ سندن ڪلام جي جائزي سان گڏ حضرت سچل سرمست جي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي روشني وڌل آهي. ڪتاب ۾ پروفيسر عطا محمد حامي، پروفيسر ڪرار حسين ۽ نسيم امروهويءَ جا مضمون شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ سچل جي سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي. چار رنگي ٽائيٽل سان، ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، 2005ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو